ترڪ تال

ترڪ تال

ترڪ تال

ترڪ تال (ڪتاب ):هي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، براڊ ڪاسٽر ۽ ناٽڪ نويس هريڪانت ڄيٺواڻيءَ جو اصلوڪو ناٽڪ آهي، جنهن ۾ هڪ بدديانت سياستدان حڪومت راءِ جو ذڪر آهي ۽ اهڙيءَ ريت هن سياسي ميدان ۾ ٿيندڙ خيانتن ۽ بدديانتين تي تکي تنقيد ڪئي آهي. ڊيمي سائيز جي 82 صفحن تي مشتمل هن ناٽڪ جي قيمت 60 روپيا آهي ۽ ان جو پهريون ڇاپو فيبروري 2001ع ۾ دهليءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ هن جي ڇپائيءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ مالي مدد پڻ ڪئي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو